بشير احمد خان لغاري

بشير احمد خان لغاري

بشير احمد خان لغاري

بشير احمد خان لغاري: خان لغاري'>بشير احمد خان لغاري، نامياري سياستدان حاجي نجم الدين سريوال جي گهر ۾ ڳوٺ مالڪ لغاريءَ ۾ 20 جولاءِ 1952ع تي اک کولي. هن بي. اي سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪئي. هي 2008ع جي چونڊن ۾ بدين جي تڪ پي.ايس 56 مان ايم پي اي چونڊيو آهي. هن وقت سنڌ اسيمبليءَ جي زراعت، چوپائي مال ۽ خوراڪ بابت اسٽينڊنگ ڪميٽين جو ميمبر آهي. سياست ڄڻ کيس سُتيءَ ۾ پيل آهي. سندس والد نجم الدين سريوال پنجاهه ۽ سٺ واري ڏهاڪي ۾ اهم سياستدان رهيو آهي، جنهن روزانه اخبار ’ڪاروان‘ به جاري ڪئي هئي. خان لغاري'>بشير احمد خان لغاري، عبدالستار لغاري جو سؤٽ آهي، جيڪو ٽي دفعا قومي اسيمبليءَ جو ميمبر رهيو آهي. هي مختلف وقتن تي آسٽريا، ڊينمارڪ، انگلنڊ ۽ آمريڪا جو دورو ڪري چڪو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو